حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ماروي سنڌو ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته فرنٽيئر ڪانسٽيبلٽري ري آرگنائيزيشن آرڊيننس 2025ع تي صدر زرداري صحيح ڪري، فرنٽيئر ڪانسٽيبلري فورس کي سڄي ملڪ ۾ ڪارروائي ڪرڻ جا اختيار ڏئي ڇڏيا آهن. آصف زرداري صدارتي ڪرسي خاطر فورسز ذريعي صوبن جا اختيار کسي سڌي طرح وفاق جي حوالي ڪرڻ جي پرواني تي صحيح ڪئي آهي. جيڪو عمل خود 18 آئيني ترميم جي به سراسر خلاف آهي. صدر زرداري جي پاس ڪيل ان ڪاري قانون تحت ڪارونجهر، ڪينجهر، هاليجي، گورک، ٻيٽن سميت سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي وفاق پنهنجي قبضي خاطر فرنٽيئر ڪانسٽيبلري فورس کي سڌي طرح استعمال ڪندو، جيڪو فورس بندوق جي زور تي قومن جا وسيلا کسي بيگناھ ماڻهن جو رت وهائيندو. وفاقي ادارن جي اڳ ۾ ئي صوبن اندر تمام گهڻي مداخلت آهي ۽ هن ڪاري قانون پاس ٿيڻ سبب وفاق کي قانوني جواز ملي ويو آهي. اڳواڻن چيو ته صوبن ۾ وفاقي مداخلت وڌائڻ بدران صوبائي فورس پوليس ۾ سڌارا آڻي، پوليس مان رشوت، ڀتاخوري ۽ ڪرپشن جا جراثيم ڪڍي، ڪرپٽ پوليس عملدارن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو وڃي، پوليس کي وڏيرن، سردارن ۽ نام نهاد چونڊيل نمائندن جي ڪمداري مان ڪڍي آئين ۽ قانون جي ماتحت ڪيو وڃي. ان سان گڏ پوليس اهلڪارن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ اضافو ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو آهي ته اتحادي حڪومت کي جمهوريت کي قتل ڪرڻ جو ڪو به مينڊيٽ ناهي، حڪومت جي مرڪزيت پرست قانونسازي جمهوريت جو قتل آهي. اتحادي حڪومت جناح جي اصولن کي پٺي ڏئي، سردار پٽيل جهڙن مرڪزيت پرستن جي پوئيواري ڪري رهي آهي. وفاقي سرڪار جي هن قسم جي قانونسازي بدترين فاشزم جي عڪاسي آهي.