ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به سون جي اگهه ۾ لاٿ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3 هزار رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 3 لک 56 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 2 هزار 572 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 5 هزار 212 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 30 ڊالر گهٽجڻ سان 3 هزار 335 ڊالر في اونس آهي.
You might also like