عبدالقادر بلوچ جو پ پ جي بنيادي رڪنيت تان استعيفيٰ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ پ پ جي بنيادي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏيندي مڪمل طور سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
عبدالقادر بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان اهو فيصلو ڊگهي مشاورت کانپوءِ ڪيو آهي، هاڻ ڪنهن به سياسي جماعت يا سرگرمي سان سلهاڙيل نه رهندس ۽ پارٽي سياست ۾ وڌيڪ حصو نه وٺندس.
واضح رهي ته عبدالقادر بلوچ ان کان اڳ ن ليگ ۾ شامل هو، جنهن دوران هو اهم عهدن تي به رهيو.
ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ بلوچستان جو اڳوڻو گورنر ۽ اڳوڻو وفاقي وزير به رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.