ايران تي ٻيهر حملو ڪيو ويو ته جواب اڳ کان وڌيڪ سخت هوندو: سپريم ليڊر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر علي خامنه اي چيو آهي ته ٻيهر ڪنهن به قسم جو حملو ڪيو ويو ته ڀرپور جواب ڏيڻ جي اهليت رکون ٿا ۽ اهو جواب وڌيڪ اثرائتو هوندو.
ايران جي سرڪاري ٽي وي موجب سپريم ليڊر چيو ته اسرائيلي حملا ايران جي نظام تي ڪيا ويا هئا ته جيئن ان نظام کي ڪمزور ڪري ان جو خاتمو ڪري سگهجي، ان سڄي جارحيت جو مقصد ايران اندر ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ ماڻهن کي روڊن تي آڻي اسلامي جمهوريه جي سياسي نظام جو خاتمو ڪرڻ هو.
علي خامنه اي چيو ته ايراني سفارتڪاري ۽ عسڪري مشقون ٻئي گڏوگڏ هلڻ گهرجن ته جيئن مڪمل احتياط سان اڳتي وڌي سگهجي پر هن ان سلسلي ۾ ڪا وضاحت نه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.