اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ملڪ ۾ زرعي زمينن جي هائوسنگ سوسائٽين ۾ تيزيءَ سان تبديلي کي خطرناڪ قرار ڏيندي ان تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
احسن اقبال جي صدارت هيٺ زرعي زمين کي رهائشي سوسائٽين ۾ تبديل ڪرڻ جي معاملي تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ زرعي زمينن جي تيزي سان گهٽتائي ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي وئي آهي، زرعي زمينن کي هائوسنگ سوسائٽين ۾ تبديل ڪرڻ جو سلسلو ڳڻتي جوڳو آهي.
هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي سخت خطري ۾ آهي، وڻن جي واڍي تي سخت قانونن جي ضرورت آهي، ماحول بچائڻ سڀني جي ذميواري آهي، اربن پلاننگ بنا وڌندڙ شهرن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ماحولياتي توازن بگڙي رهيو آهي، هائوسنگ جي لالچ زرعي زمين ڳڙڪائي رهي آهي.
You might also like