ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ بار بي ڊول جي نالي سان مشهور ڪترينا ڪيف اڄ پنهنجي 42 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي. 16 جولاءِ 1983ع تي هانگ ڪانگ ۾ جنم وٺندڙ بالي ووڊ سُندري ڪترينا ڪيف جا والدين برطانوي شهري هئا ، جڏهن ته هن پنهنجي زندگي جو ڳچ حصو چين، جپان، فرانس، سوئٽزرلينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ گذاريو. ان کانپوءِ شوبز انڊسٽريءَ ۾ قسمت آزمائڻ لاءِ مستقل طور ڀارتي شهر ممبئي شفٽ ٿي وئي.
ڪترينا ڪيف کي گهر ۾ پيار وچان ڪيٽ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، هن ننڍڙي وهيءَ کان ئي ماڊلنگ جي دنيا ۾ به قدم رکيو ۽ جلد ئي سندس ڳاڻيٽو پهرئين جوڙ ماڊلز ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
هن 14 سالن جي عمر ۾ ئي ماڊلنگ کان پنهنجي فني سفر شروعات ڪئي، جڏهن ته 2003ع ۾ فلم بوم ذريعي بالي ووڊ ۾ انٽري ڏني ، پر اِها فلم باڪس آفيس تي ڪو به ٻوٽو نه ٻاري سگهي.
ڪترينا ڪيف 2007ع کانپوءِ هڪ کان هڪ سُپر هٽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، جن ۾ نمستي لنڊن، اپني، پارٽنر، ويلڪم، ريس ۽ سنگ از ڪنگ شامل آهن.
سندس مشهور فلمن ۾ راجنيتي، عجب پريم ڪي غضب ڪهاني، دي ڌنا دن، تِيس مار خان، زندگي نه مليگي دوبارا، ميري برادر ڪي دُلهن، ايڪ ٿا ٽائيگر، جب تڪ هي جان ۽ ڌوم ٿري شامل آهن.
ڪترينا ڪيف جا سلمان خان ۽ رنبير ڪپور سان رومانوي لاڳاپا پڻ رهيا، هن سال 2021ع ۾ بالي ووڊ اداڪار وڪي ڪوشل سان شادي ڪئي.
You might also like