نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ هڪ 19 ورهين جي عورت هلندڙ بس ۾ ٻار کي جنم ڏنو پر سندس مڙس هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ شخص ٻار جي بس جي دريءَ مان اڇلائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
اهو افسوسناڪ واقعو ڀني شهر ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن ريتيڪا ڌيري نالي عورت سليپر ڪوچ ۾ الطاف شيخ نالي شخص سان گڏ پوني کان ڀني وڃي رهي هئي.
عورت سفر دوران ٻار کي جنم ڏنو پر الطاف شيخ تازي ڄاول ٻار کي بس مان ڦٽو ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس وقت سر ڪارروائي ڪندي بس کي روڪيو ۽ ريتيڪا ۽ الطاف کي حراست ۾ ورتو.
جاچ دوران جوڙي ٻڌايو ته هو ٻار جي پرورش جي قابل نه هئا، تنهن ڪري ان کي بس مان اڇلائڻ جو فيصلو ڪيو.
پوليس موجب ريتيڪا ۽ الطاف جو واسطو ڀني سان آهي ۽ گذريل ڏيڍ سال کان پوني ۾ رهندا هئا، ٻنهي زال مڙس هجڻ جي دعويٰ ڪئي پر وٽن ڪو قانوني ثبوت ناهي.
You might also like