سروائيڪل ڪينسر جي روڪٿام لاءِ حڪومت جو اهم فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت عورتن ۾ سروائيڪل ڪينسر جي شرح ۾ واڌ کانپوءِ اهم فيصلو ڪري ورتو.
صحت واري وزارت جي ذريعن موجب عورتن ۾ سروائيڪل ڪينسر جي شرح ۾ واڌ سبب حڪومت ان جي روڪٿام لاءِ ويڪسين متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ويڪسينيشن مهم 15 کان 27 سيپٽمبر تائين هوندي، جنهن ۾ 9 کان 14 ورهين تائين ٻارڙين کي هيومن پيپي لوما وائرس ويڪسين لڳائي ويندي.
ذريعن موجب ايڇ پي وي ويڪسين فڪسڊ سائٽ، ڪميونٽي سينٽرز، موبائل يونٽس ۽ اسڪولن ۾ دستياب هوندي، جڏهن ته اها ويڪسين روٽين اميونائيزيشن ۾ شامل ڪئي ويندي، روٽين اميونائيزيشن ۾ 9 ورهين جي ٻارڙين کي ايڇ پي وي ويڪسين لڳائي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ ڪروڙ 80 لک ٻارڙين کي ايڇ پي وي ويڪسين لڳائڻ جو هدف آهي، پاڪستان حڪومت کي ايڇ پي وي ويڪسين ”گاوي“ فراهم ڪندو، جڏهن ته نجي شعبي ۾ ايڇ پي وي ويڪسين 4 هزار 7 سئو رپين ۾ دستياب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.