رهتون ادا نه ٿيڻ تي هاڪي رانديگرن جو صبر جواب ڏئي ويو، پي ايڇ ايف جا ڪرتوت وائکا ڪرڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) رهتون ادا نه ٿيڻ تي پاڪستاني هاڪي ٽيم جي رانديگرن جو صبر جواب ڏئي ويو آهي.
ذريعن موجب، رانديگر پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) جي رويي مان سخت نا خوش آهن ۽ هاڻ انهن فيڊريشن خلاف آواز اٿارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيم جي ڪپتان ۽ ٻين رانديگرن پي ايڇ ايف جي رويي کي ڏسندي پنهنجي مستقبل بابت رٿابندي شروع ڪري ڇڏي آهي.
رانديگرن جو چوڻ آهي ته فيڊريشن سدائين غلط بياني ڪئي، اسان کي دوکي ۾ رکيو، هاڻي ته اسان کي جواب ڏيڻ جي زحمت به نٿي ڪئي وڃي، جيڪو انتهائي غلط عمل آهي.
رانديگرن جو اهو به چوڻ آهي ته هاڻ اسان کي اهڙو ماڻهو ڳولڻو پوندو، جيڪو نه رڳو روزگار جي خاطري ڪرائي، پر اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ به تيار هجي، فيڊريشن هميشه معاهدي جي خاطري ته ڪرائيندي رهي آهي، پر ڪڏهن به ان تي عملدرآمد ناهي ڪيو.
ٻئي پاسي پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪپتان عماد بٽ رانديگرن جي خدشن کي سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته جيڪي زيادتيون رانديگرن سان ٿيون آهن،اهي هو سڀني جي سامهون آڻيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.