هاڻي سنڌ کي پ پ جي رحم ڪرم تي نه ڇڏينداسين:رياض چانڊيو

عمرڪوٽ (رپورٽ:غلام مصطفي مھر) جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو عمرڪوٽ پھتو مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ان بعد رياض چانڊيو عمرڪوٽ بار جي ميمبرن سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ بار کي خطاب ڪندي رياض چانڊيو چيو ته ٿر جي ڪوئلي ڪڍي فيصل آباد موڪلي وڃي ٿي ۽ سنڌ کي بجلي ۽ فائدي بجاءِ پنجاب کي فائدو ڏنو وڃي ٿو هن چيو ته ٿر بدلي گا پاڪستان پر ٿر اڄ به اونداهي هيٺ آهي. هن چيو ته ايتري ٿر ۾ هلندڙ ڪوئلي ۾ سڀ ڌاريا ماڻهو ملازم طور رکيا ويا آهن ڇا اسان جي ماڻھو ۾ اهليت ناهي بعد  پي ٽي آء جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ رياض چانڊيو چيو ته پي ٽي آئي اڳواڻ لال مالھي کي 19 جولائي تي ميرپورخاص ۾ سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آھي ۽ ھن ڀرپور شرڪت جو يقين ڏياريو آھي ھن چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو گڏجي سنڌ کي تباه ڪري ڇڏيو آھي پيپلز پارٽي سنڌ جي 18ھين بجٽ پيش ڪئي آهي پر سنڌ ۾ بک بدحالي دھشتگردي بدامني عروج تي آهي ھن چيو ته پير صاحب پاڳاري سان گڏجي درياهه بچايو ڪميٽي سنڌ جي زمينن ۽ درياهه جي مالڪي لاءِ وري ميدان ۾ لٿل آھي ھاڻ سنڌ کي پيپلزپارٽي جي وڌيڪ ظلم ۽ رحم ڪرم تي نه ڇڏينداسين

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.