ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي ٻارن کي پاڪستان ضرور اچڻ گهرجي، سندس ٻار سياست ۾ حصو وٺڻ چاهين ٿا ته کين اجازت هجڻ گهرجي، جيڪڏهن انهن ڏڦيڙ جي سياست ڪئي ته ان جي اجازت نه هجڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته بي آر ٽي ۾ اسان اي وي بسون آڻي رهيا آهيون، آگسٽ ۾ اسان ڊبل ڊيڪر بسون آڻڻ چاهيون ٿا، آگسٽ جي ٻئي هفتي ۾ پنڪ اي وي اسڪوٽر عورتن کي مفت ڏئي رهيا آهيون، ڪوشش آهي ته آگسٽ سيپٽمبر ۾ وڌيڪ اي وي بسون اچي وڃن.
You might also like