اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي مخصوص سيٽن بابت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي مخصوص سيٽن بابت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه ۾ مخصوص سيٽن بابت پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي درخواست منظور ڪري ورتي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اقليتي سيٽ تي مسلم ليگ (ن) ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) وچ ۾ ٽاس ٿيندو.
خيبرپختونخواهه اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ (ن) کي 9، جمعيت علماءِ اسلام (ف) کي 9، پيپلز پارٽي کي 5، پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز (پي ٽي آءِ پي) ۽ عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) کي هڪ-هڪ واڌو سيٽ ملي آهي.
مسلم ليگ (ن) کي خيبرپختونخواهه اسيمبليءَ ۾ عورت جي سيٽ به ملي وئي، جڏهن ته عورتن جي ٻي مخصوص سيٽ تي اي اين پي ۽ پي ٽي آءِ پي وچ ۾ ٽاس ڪيو ويندو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي مخصوص سيٽن جي ورهاست بابت ڪيس ۾ ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.