لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي معطل ميمبرن خلاف وڌيڪ ڪارروائي روڪي وئي آهي.
حڪومتي ذريعن موجب، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ هلندڙ ڳالهين جي روشنيءَ ۾ اسپيڪر اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ حڪومتي ميمبرن کي هدايت جاري ڪئي آهي ته مخالف ڌر خلاف ڪا به نئين ڪارروائي نه ڪئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن جي 10 معطل ميمبرن خلاف ڀڃ ڊاهه جي الزام تحت ڏنڊ اوڳاڙڻ ۽ انهن جي پگهارن مان ڪٽوتي جو عمل پڻ روڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ اسپيڪر پاران اپوزيشن جي معطل ميمبرن تي ڀڃ ڊاهه جي الزام هيٺ ويهه لک رپين کان وڌيڪ جو ڏنڊ لاڳو ڪيو هو.
ذريعن موجب، اپوزيشن سان ڳالهيون اڳتي وڌائڻ لاءِ اپوزيشن جي وڌيڪ 9 چيئرمينن کي عهدن تان هٽائڻ بابت بي اعتمادي رٿن تي پڻ عمل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳ ۾ ئي اپوزيشن سان تعلق رکندڙ 4 چيئرمين پنهنجن عهدن تان هٽايا ويا آهن.
You might also like