نبي سر ٿر ۾ ٿرڪول ڊيم ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف جيئي سنڌ محاذ جو ڌرڻو

نبي سر ٿر (رپورٽ:عاجز چانڊيو) نبي سر ٿر ۾  ٿرڪول بلاڪ ون لاءِ ٺھندڙ ڊيم تي مقامي ماڻھن کي ملازمتن مان نظر انداز ڪرڻ ء ٻاھرين ماڻھن کي ملازمتون ڏيڻ خلاف جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي م چيلھار روڊ کان ڊيم طرف ويندڙ چيلھ بند عمرڪوٽ روڊ تي بنيادي صحت مرڪز نبي سر ٿر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو جتي پوليس انتظاميه ڊي ايس پي غلام مصطفا ڪاڇيلو ايس ايڇ او نبي سر روڊ حسين جٽ ايس ايڇ او ڪنري وجئہ ڪمار ايس ايڇ او بودر فارم سميت ستر کان وڌيڪ پوليس اهلڪار پڻ موجود ھئا جڏھن تہ ڊي ايس پي غلام مصطفا ڪاڇيلو ء جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي قيادت وچ م ڳالهيون ٿيون ان موقعي تي پارٽي اڳواڻن مقامي ماڻھن کي روزگار ء بنيادي سهولتن ڏيڻ جھڙا مطالبا سامهون رکيا ان موقعي تي جسم اڳواڻ رياض چانڊيو  پارٽي پريس مرڪزي ترجمان اياز سولنگي ڊاڪٽر خوشحال آزاد دل ء ٻين جو چوڻ ھو تہ حڪومتي ڌر توڙي ٿرڪول انتظاميہ سنڌ جي وسيلي تي قابض آھي مقامي ماڻھن کي بجلي گئس صحت تعليم توڙي پيئڻ جو صاف پاڻيءَ مھيا ناھي ڪري سگھي. ھيترو سارو ڪوئلو نڪرڻ باوجود بجلي ٿر کي نٿي ملي ء پنجاب موڪلي ٿي وڃي ملازمت لاءِ پنجاب گلگت ڪشمير ء سرحد جا ماڻھو آندا ٿا وڃن سو ھي اسان جو  احتجاج قانوني آئيني حق آھي.نھٽڻ اس ۾ احتجاج بعد پوليس انتظاميه ڊيم انتظاميہ ء احتجاج ڪندڙن وچ م ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب رھي. ڌرڻو ختم ڪرڻ کان اڳ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ميڊيا سان ڳالھائيندي ٿرڪول ڊيم انتظاميہ کي مخاطب ٿيندي چيو تہ قانون ء انصاف جي گهر آهي ته ٿرڪول ٿر ء عمرڪوٽ جي ماڻھن جي ملڪيت آهي ٻاھرين ماڻھن کي مڙهڻ سنڌ حڪومت توڙي ڪول انتظاميہ جو ھتان جي ماڻھن مٿان جبر آھي اسان ان ڏاڍ کي رد ٿا ڪريون سندس چوڻ ھو تہ چار رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آھي جنھن م پارٽي جي مرڪزي مالياتي سيڪريٽري آزاد دل، امتياز چانڊيو، غلام نبي سرائي ۽ نوجوان انجنيئر الطاف کي شامل ڪيو آهي،جيڪي مقامي سطح تي انجنيئرن ڊسپينسرن ء ٽيڪنيڪل ماھرن جي لسٽ ڊيم انتظاميہ کي ڏيندا. ان مطابق مقامي ماڻھن کي روزگار نہ ڏنو ويو ء ٻاھريان ماڻھو نہ ڪڍيا ويا تہ  23 تاريخ تي ڪنري ۽ 27 تاريخ تي ضلعي ھيڊ ڪوارٽر عمرڪوٽ م ھڙتال ڪئي ويندي. نئون ڪوٽ مٺي، اسلام ڪوٽ م پڻ احتجاج ڪيا ويندا جڏھن تہ ٿرڪول ڊيم انتظاميہ طرفان ميڊيا کي ڪو بہ موقف نہ ڏنو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.