الله پڇاڻو ڪندو ته مان دنيا ۾ ڇا ڪيو؟ چوندس ميرٽ تي ڪم ڪيو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان محنت ڪري ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو، الله مون کان پڇاڻو ڪندو ته مان دنيا ۾ ڇا ڪيو، مان چوندس ته ميرٽ تي ڪم ڪيو.
انٽرن شپ پروگرام ”اڙان پاڪستان سمر اسڪالرز“ جي چونڊيل شاگردن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ قوم جي ترقي جي ڪنجي انهن جي هٿ ۾ آهي.
هن چيو جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته ملڪ ڏيوالي جي ويجهو هو، اڪثر ماڻهن جو خيال هو ته پاڪستان جو ڏيوالو ٿي ويندو پر اسان جي قدمن سان اقتصادي حالتن ۾ بهتري آئي ۽ ملڪ ڏيوالي کان بچي ويو.
وزيراعظم ٽيم ورڪ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته مان ڪڏهن پاڻ ڪريڊٽ نه کنيو پر اهو گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، ترقي جي رستي ۾ رنڊڪون اچي سگهن ٿيون پر اسان هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون نڀائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.