ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سمعتا افضال سيد چيو آهي ته متحدا قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان کي اجرڪ فوبيا ٿي وئي آهي.
فاروق ستار جي تازي بيان تي ردعمل ڏيندي سمعتا افضال سيد چيو ته ” سنڌ جي ثقافت تي آڱر کڻڻ وارا ڄاڻي وٺن ته اجرڪ اسان جي سڃاڻپ آهي، جنهن تي ڪا به سوديبازي قبول ناهي.“
هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي نفرت ۽ تعصب واري سياست ڇڏي سنڌ جي عوام جي حقيقي خدمت ڪرڻ گهرجي.
فاروق ستار چيو هو ته نمبر پليٽس جي نالي تي ٽريفڪ پوليس شهرين کان ڀتو وٺي رهي آهي،
سندس چوڻ هو ته جن نمبر پليٽس تي اعتراض ٿي رهيو آهي، انهن جي مدد سان سولائي سان ڪنهن به گاڏي جي اصل يا جعلي هئڻ جي نشاندهي ڪري سگهبي.
هن وڌيڪ چيو ته اِهو قدم ڏوهن جي روڪٿام ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائيندو.
You might also like