اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر اسلام آباد ۾ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته جيڪي ٻوليون هن ملڪ ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، اسان انهن سڀني ٻوليون ڳالهائيندڙن، ماڻهن، قبيلن کي عزت ۽ احترام ڏينداسين. خودمختياري رڳو صوبائي نه هجڻ گهرجي. ذوالفقار علي ڀٽو شهيد هڪ انسان هو پر جيڪو سندس نظريو هو، جنهن مان اسان جو آئين به نڪتو اهو مقدس آهي، پر ان جي تباهي ٿي، هڪ ترميم کانپوءِ ٻي، ٻي کانپوءِ ٽئين ۽ چوٿين، اسان کي هڪ نئين سماجي معاهدي، نئين آئين جي ضرورت آهي، اسان نئون آئين ڪيئن آڻي سگهون ٿا، اهو ويهڻ سان نه ايندو، نه رڳو محنت پر انقلاب سان ايندو،هن چيو ته اسان جو ملڪ سرمائيدارن، سردارن، وڏيرن جو ناهي، اميرن جو ناهي، هارين جو آهي، مزدورن جو آهي، شاگردن، وڪيلن، فنڪارن، ماحولياتي ماڻهن جو آهي، اسان انهن لاءِ وڙهنداسين. هن چيو ته ملڪ بحران ۾ آهي، گرين انيشيئٽو جي نالي تي حڪومت غربين جي زمين تي قبضو ڪري اميرن ۾ ورهائي رهي آهي، اهو پاڪستان جو مطلب نه هو، اهو مقصد نه هو اسان جو، پر افسوس جو اهو دور گذري ويو جڏهن اسان غريبن لاءِ ڪجهه ڪندا هئاسين. پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏي پئماني تي زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي، ڀٽو جي زماني هڪ ڀيرو قبضو ٿيو هو پر اهو سٺو قبضو هو، اميرن کان وٺي غريبن ۾ زمين ورهائي وئي هئي. اڄ به اوهان سرائڪي هارين کان پڇو ته توهان وٽ پنج ايڪڙ ڇو آهن ڇو ته ڀٽو صاحب کيس ڏنا. اها حقيقت آهي، اسان هاڻي پرائيويٽائزيشن ڏانهن وڃي رهيا آهيون، چاليهه سالن کان پرائيويٽائزيشن ڏانهن وڃي رهيا آهيون پر اسان کي ڇا فائدو مليو؟ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته لياري سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏئي ٿو پر لياري ۾ 5 ماڙ عمارت ڪري ۽ اسان جي سرڪار ڪجهه نه ڪيو، اسان وڃي ڏٺو هو ته هو لاش ڪڍي رهيا هئا، ڪو سرڪاري نمائندو نه هو، ٻئي ڏينهن به ويو هيس ڪو سرڪاري نمائندو نه هو، ٽئين ڏينهن به ويو هيس، ڪو سرڪاري نمائندو نه هو، 25 لاش عمارت جي ملبي مان ڪڍيا ويا، هندن جا لاش به ڪڍيا ويا، هي ڪهڙو ملڪ آهي جيڪو پنهنجي ٻارن جو خيال نٿو رکي پر پنهنجي ٻارن کي کائي وڃي ٿو، اهو اسان جو موجوده پاڪستان آهي. هن چيو ته اڃا ته مان نئين پاڪستان جو لفظ استعمال نٿو ڪري سگهان، اسان هڪ انقلابي پاڪستان آڻينداسين، جيڪو سڀني جو پاڪستان هوندو جنهن ۾ سڀ محفوظ رهندو، جيڪو سڀني جو تحفظ ڪندو، انسان جو، ڌرتي جو ۽ بي زبان مخلوق جو، ماڻهو پڇندا آهن ته پاڪستان جو مطلب ڇا؟ اسان جي سڃاڻپ ڇا آهي؟ مختلف مذهب، فرقي، ذات جا آهيون، پاڪستان جو ڇا مطلب آهي؟ پاڪستان جو مطلب اسان جا پهاڙ آهن، سنڌو درياهه اسان جي سڃاڻپ آهي، راوي، جهلم، بلوچستان جا جبل اسان جي سڃاڻپ آهن، کيرٿر جبل، پوٽوهار، ڪشمير به اسان جي مرڪزي سڃاڻپ آهي هن چيو ته ڪالهه اسان پارٽي جو سافٽ لانچ ڪيو، ڪجهه مهينن ۾، مان رڳو پنهنجي ڀيڻ جو منتظر آهيان، انشاءَالله ايندي ۽ انقلاب آڻيندي، پر اوهان اچو هن پارٽي ۾، مان ڏسان ٿو ته هن محفل ۾ ڪو وڏيرو يا زميندار ناهي مون کانسواءِ، هتي ڪو سيڙپڪار ناهي، هڪ ٻه ٿي سگهن ٿا پر هتي شاگرد، پروفيشنلز، هاري آهن، اسان جا ماڻهو آهن، پاڪستاني آهن، ڪشميري آهن، پختون، سنڌي اردو، بلوچ آهن، ماشاءَالله اهو اسان جو ملڪ آهي، هي اسان جو قدرتي ملڪ، مقدس ۽ قديم ملڪ آهي، جيڪو نه رڳو 70 سال پر موهن جي دڙي کان شروع ڪريو ته 8 هزار سال پراڻو آهي. اسان سڀ هن ڌرتي سان جڙيل آهيون ۽ هن جرئت سان اسان فرعون کي ڪيرائينداسين. سندس چوڻ هو ته ليفٽ کي موقعو به نه ڏنو ويو، اوهان ڪيئن چئي سگهو ٿا ته ذوالفقار علي ڀٽو جون پاليسيون خراب هيون يا فيل ٿي ويون يا ليفٽ هارائي ويو، اوهان رڳو کيس 5 سال ڏنا ان کانپوءِ اوهان ضياءُالحق کي 10 سال ڏنا، ڏسو ان جا ڇا اثر ٿيا، ٺيڪ آهي اسان ذوالفقار علي ڀٽو جي آئين سان رهي رهيا آهيون، هن سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته اوهان ڊولفن جي ڳالهه ڪئي، ٻلهڻ بچايو ثواب ڪمايو، ٻلهڻ اسان جي دل ۾ آهي، درياهن کي بچايو، ثواب ڪمايو، ٻيو سبب به آهي ته ليفٽ اها غلطي ڪئي ته هنن مذهب کي پاسي تي ڪيو، ٺيڪ آهي اسان جي ملڪ ۾ مختلف قسمن جا ماڻهو رهن ٿا پر اسان مذهب کي سائيڊ تي نٿا رکي سگهون، اسان جو مذهب، اسان جو الله، اسان جو خدا اسان لاءِ اهم آهي سڀ ڪجهه آهي، اهوکاٻي ڌر ۾ به شامل ڪرڻ گهرجي هن چيو ته لاهور ۾ لانچ ٿيو، اصل ۾ ڪراچي ۾ مان اڳ ڪيو هو اعلان، سياسي اعلان مون نئين ديري ۾ ڪيو هو، جيڪو ڀٽن جو ڳڙهه آهي، سنجي ڪمار جي گهر ويو هيس، تعزيت لاءِ ويو هيس، صحافي پڇيو هو ته سياسي ارادا آهن ته مان چيو ها مان سياست ۾ پير رکي رهيو آهيان، اوهان اهو نه سمجهو ته اسان اسٽيبلشمينٽ يا تخت ڏانهن وڃي رهيا آهيون، اسان سنڌ ۾ هڪ هندو جي گهر ۾ پارٽي جو اعلان ڪيو، اها تاريخي ڳالهه هجڻ گهرجي، اوهان اهو نه وساريو. لاهور ۾ سڀ ميڊيا وارا آهن جن اسان جون خبرون هلايون، اسان پنجاب کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون، ڪالهه ڪنهن چيو ته مان سنڌ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪريان ٿو، اوهان ڇو ترجيح چئو ٿا، اسان ته مرڪز آهيون، اوهان به مرڪز آهيو، هر هنڌ مرڪز آهي، رياست سڀ ڪجهه نظرانداز ڪري ملڪ ٺاهيو ان لاءِ اهي پرفري بڻجي ويا، هر هنڌ جو مرڪز آهي ان جو احترام ڪرڻ گهرجي. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته پ پ شهيد ڀٽو بابت وڌيڪ نٿو ڳالهائڻ چاهيان، شهيد ڀٽو منهنجي پيءُ ٺاهي پر ان تي وڏي ۾ وڏو راتاهو هنيو ويو، اسان ان ماحول ۾ صحيح نموني ڪم نه ڪري سگهون ها ڪجهه ماڻهو تيئن ڪم ڪرڻ لاءِ تيار به نه هئا، مون کي اهو نه گهربو هو ته ڪير اسان کي روڪي، اسان هڪ لهر بڻجنداسين، اسان کي ڪا رنڊڪ نه گهرجي، رنڊڪون ماڻهو رکندا اسان لاءِ، اسان رنڊڪن سان شروعات ڇو ڪريون؟ هڪ نئين باب سان شروعات ڪريون.