ايران جي جوهري ڳالهين جي بحاليءَ لاءِ مشروط رضامندي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جوهري ڳالهين جي بحاليءَ لاءِ مشروط رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي تهران ۾ پرڏيهي سفارتڪارن کي خطاب ڪندي چيو ته ايران پنهنجي جوهري پروگرام جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه لاءِ سدائين تيار رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به ائين ڪندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڳالهه ٻولهه ٻيهر شروع ٿيڻ جي صورت رڳو تڏهن ئي پيدا ٿي سگهي ٿي، جڏهن جنگ جو رستو بند ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.