فيصل آباد ۾ دوستي نه رکڻ تي ويٽريس قتل

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ دوستي نه رکڻ تي فائرنگ ڪري ويٽريس کي قتل ڪيو ويو.
فيصل آباد جي مقامي ريسٽورنٽ تي ملازمت ڪندڙ اسما پنهنجي دوست مريم سان گڏ وڃي رهي هئي ته ڊگراوان روڊ تي موٽر سائيڪل سوار ٻن جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس موجب فائرنگ ۾ اسما ٿڏي تي مارجي وئي، جڏهن ته مريم زخمي ٿي پئي، جوابدار فائرنگ کانپوءِ فرار ٿي ويا، جن جي سڃاڻپ احمد ۽ فهد جي نالن سان ٿي آهي.
پوليس ٻڌايو ته ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار احمد اعتراف ڪيو ته هن دوستي نه رکڻ تي اسما کي قتل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.