ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته صدر زرداري ايوان صدر ڇڏيندو ته وزيراعظم هائوس ۾ ويهندو.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته آصف زرداري ڪيڏانهن نه پيو وڃي، جيڪڏهن هو ايوان صدر ڇڏيندو ته وزيراعظم هائوس ۾ ويهندو ۽ وزيراعظم پ پ جو هوندو.
هن چيو حڪومت جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ٿي وئي ته اڳ ۾ شوشو ڇڏيو ويو حڪومت جو مدو 10 سال ڪيو پيو وڃي، اها ڳالهه ذهنن ۾ نه ويٺي ته چيو ويو صدر زرداري کي تبديل ڪيو پيو وڃي، اهو به ناممڪن آهي.
Next Post
You might also like