”سنڌ وٽ ملڪ کي توانائي بحران مان ڪڍڻ لاءِ وڏا وسيلا موجود آهن پر وفاقي پاليسين سبب ترقي سخت متاثر پئي ٿئي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ وٽ ملڪ کي توانائي جي بحران مان ڪڍڻ لاءِ وسيلا موجود آهن پر وفاقي حڪومت جي پاليسين سبب صوبي جي توانائي واري شعبي ۾ ترقي سخت متاثر ٿي رهي آهي، جيڪڏهن سنڌ کي ان جي وسيلن موجب اختيار ۽ سهولتون ڏنيون وڃن ته توانائي جي شعبي ۾ انقلاب آڻي سگهجي ٿو.
شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسٽيڪ هولڊرن، ماهرن ۽ پاليسي ٺاهيندڙن کي سنڌ جي توانائي جي ذخيرن ۽ پائيدار توانائي جي حل بابت کلي ڳالهائڻ گهرجي.
هن چيو ته گذريل ڇهن سالن دوران ٿرڪول منصوبي تحت 30 ملين ٽن ڪوئلو مختلف آءِ پي پيز کي فراهم ڪيو ويو، جڏهن ته ٿر جو ڪوئلو ايتري صلاحيت رکي ٿو جو ايندڙ ڪيترين ئي ڏهاڪن تائين پاڪستان جون بجليءَ جون گهرجون پوريون ڪري سگهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوششن سان 105 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائين تيار ڪئي پئي وڃي، جيڪا ٿرڪول کي قومي ۽ عالمي منڊين سان ڳنڍيندي، سنڌ جو ونڊ ڪوريڊور فعال آهي، جڏهن ته ڪيترائي شمسي توانائي جا منصوبا به تياري هيٺ آهن، نوري آباد پاور پراجيڪٽ هن وقت ڪراچي کي 100 ميگا واٽ بجلي فراهم ڪري رهيو آهي، وفاقي حڪومت سنڌ جي ونڊ ۽ سولر پاور منصوبن جي مخالفت بند ڪري.
هن واضح ڪيو ته صوبي ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ والار خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري آهي، جڏهن ته ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، نئين نمبر پليٽ اسڪيم بابت بي بنياد پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.