نئون ديرو (ويب ڊيسڪ) نئين ديري جي ڪچي ۾ مبينا طور پوليس ڪارروائي دوران پيرسن جوڙو مارجي ويو ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
نئين ديري ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ مٺو ککراڻي ۾ مبينا طور پوليس جي ڪارروائي دوران پيرسن غلام علي ککراڻي ۽ سندس گهرواري سسئي مارجي وئي، جڏهن ته ٻارڙن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ 3 ورهين جو ٻارڙو زوهيب، 11 ورهين جي نينگري ثريا، عورتون پياري خاتون، انور، ڪوثر، نرما ۽ 50 ورهين جو عبداللطيف ککراڻي شامل آهن.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته رات دير سان پوليس اسان جي گهرن مٿان ڊرون حملا ڪيا، جنهن ۾ ننڊ پيل غلام علي ۽ سندس گهرواري سسئي مارجي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
نئين ديري جي ڪچي ۾ پوليس جا مبينا طور ڊرون حملا، پيرسن جوڙو مارجي ويو، 7 ڄڻا زخمي
You might also like