راولپنڊي کان لاهور ويندڙ بس حادثي جو شڪار، 5 مسافر فوت، 28 زخمي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي کان لاهور ويندڙ بس چڪري انٽر چينج ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 28 زخمي ٿي پيا.
موٽر وي پوليس موجب مسافر بس راولپنڊي کان لاهور وڃي رهي هئي، چڪري انٽر چينج ڀرسان ترڪڻ سبب بس ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪچي ۾ لهي وئي.
حادثي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 28 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.