انڊس ڊيلٽا ۾ سنڌ بئراج اڏڻ جون تياريون، واپڊا پاران گڏجاڻي طلب

ڪراچي (محسن ٻٻر) انڊس ڊيلٽا ۾ سنڌ بئراج جي اڏاوت بابت واپڊا سرگرم ٿي ويو، اسٽيڪ هولڊرن سان ملاقات لاءِ خط جاري ڪندي  فزيبلٽي ۽ بئراج جي هنڌ بابت مشاورت شروع ڪئي وئي آهي. واپڊا جو موقف آهي ته بئراج جو مقصد پاڻي کي بچائڻ، زراعت لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ ڊيلٽا کي مستقل پاڻي جي فراهمي آهي. آبپاشي ماهر شفقت حسين وڌو موجب، عمران خان جي حڪومت دوران به ان بئراج بابت مشاورتي عمل جاري رهيو، جنهن جي تحت ڪراچي ۽ جاتي وارن علائقن ڏانهن پاڻي جي ورڇ لاءِ 2 شاخون ڪڍڻ جو منصوبو هو. ايريگيشن کاتي فزيبلٽي تي خدشا ظاهر ڪيا هئا ته بئراج جي ڪري زمينن ۾ سم ۽ ڪلر وڌندو، ڪچي جي زمين ٻڏي ويندي، فصل تباهه ٿيندا، ۽ ٻوڏ دوران صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي. ايريگيشن کاتو شڪ ظاهر ڪري ٿو ته واپڊا جو واعدو، يعني ڊيلٽا کي لاڳيتو پاڻي ڏيڻ عملي طور تي يقيني ناهي، ڇو ته ماضي ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ طئي ٿيل پاڻي به مستقل طور فراهم نه ٿيو آهي. سنڌ بئراج جي منصوبي تي 5 سال کان بحث جاري آهي، جڏهن ته سيوهڻ بئراج جو خيال ان کان به پراڻو آهي. واپڊا پاران جلد وڌيڪ گڏجاڻيون ڪرائڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.