اسلام ڪوٽ ڀرسان وِڄ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻن جون 29 ٻڪريون ۽ رڍون مري ويون

اسلام ڪوٽ (ويب ڊيسڪ) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ۾ وڄ ڪرڻ سبب 29 رڍون ۽ ٻڪريون مري ويون.
ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ موجب ڳوٺ ڪاٽن جي جهنگ ۾ کنوڻ سبب 29 رڍون ۽ ٻڪريون مري ويون، اهو واقعو برسات پوڻ دوران پيش آيو.
هن ٻڌايو ته انهن ٻڪرين ۽ رڍن جا ٽي مالڪ آهن، جڏهن ته جون کان هيل تائين کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ 82 ٻڪريون ۽ رڍون مري ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.