ايراني سپريم ليڊر جي آمريڪي اڏن کي ٻيهر نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي آمريڪا کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ آمريڪي اڏن کي ٻيهر نشانو بڻائي سگهون ٿا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي گذريل مهيني قطر ۾ آمريڪي اڏي کي نشانو بڻائڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته العديد اڏي تي حملو معمولي نه هو پر وڏو ڪارنامو هو، اهو ٻيهر به ممڪن آهي.
هن چيو ته اسان خطي ۾ آمريڪي اڏن تائين پهچڻ جي صلاحيت رکون ٿا.
واضح رهي ته پينٽاگون به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ايران طرفان ڪيل حملي ۾ هڪ بيلسٽڪ ميزائل العديد اڏي تي ڪميونيڪيشن ڊوم تي ڪريو هو، جنهن جي سيٽلائيٽ تصوير به سامهون اچي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.