ست ڀيرا ومبلڊن جو فاتح جوڪووِچ ٽورنامينٽ مان آئوٽ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ست دفعا ومبلڊن جو چيمپيئن رهندڙ نوواڪ جوڪووچ ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو.
جمعي جي ڏينهن لنڊن ۾ جاري ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ عالمي نمبر هڪ، اٽلي جي جينڪ سِنر سربيا جي اسٽار نوواڪ جوڪووچ کي لڳاتار ٽن سيٽن ۾ 3-6، 3-6، 4-6 تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ مان آئوٽ ڪري ڇڏيو.
جينڪ سِنر پهريون ڀيرو ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
ان کان اڳ ومبلڊن 2025ع جي پهرين سيمي فائنل مقابلي ۾ دفاعي چيمپيئن اسپين جي ڪارلوس الڪاريز، آمريڪا جي ٽيلر فرٽز کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي هئي.
ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ جو فائنل آچر ڏينهن اٽلي جي جينڪ سِنر ۽ اسپين جي ڪارلوس الڪاريز وچ ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.