لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي هاڪي اولمپيئنز ايشيا ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ کي ڀارت مان ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو .
لاس اينجلس اولمپڪس 1984ع ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ اولمپيئن توقير ڊار جو چوڻ آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ واري صورتحال آهي، ڀارت اسان جو پاڻي بند ڪيو آهي، اهڙين حالتن ۾ اسان ڪيئن سوچي سگهون ٿا ته اسان جا رانديگر اتي وڃن ۽ کيڏن.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن رانديگر اتي وڃن به تڏهن به جيڪو ماحول کين فراهم ڪيو ويندو، اهو قيد جهڙو هوندو ۽ قيد ۾ رانديگر ڪيئن پرفارم ڪندا؟
هن وڌيڪ چيو ته ايشيا ڪپ کي نيوٽرل وينيو تي منتقل ڪرڻ ضروري آهي، جيڪڏهن ايونٽ منتقل نه ٿو ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان جا ميچز نيوٽرل وينيو تي ڪرائڻ گهرجن.
ٻئي پاسي اولمپيئن خواجا جنيد چيو ته ايشيا ڪپ لاءِ ڀارت وڃڻ جي حوالي سان حڪومت جيڪو فيصلو ڪري ان تي عمل ڪرڻ گهرجي، هن وقت ڀارت سان جنگ جهڙي صورتحال آهي، جيڪا اڳ ڪڏهن نه هئي.
خواجا جنيد چيو ته ايشيا ڪپ لاءِ نيوٽرل وينيو ئي ترجيح هجڻ گهرجي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي وانگر سخت موقف اختيار ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هاڪي فيڊريشن کي گهرجي ته هو ايشيا ڪپ ۾ پنهنجن ميچز لاءِ نيوٽرل وينيو جو مطالبو ڪري، جيڪڏهن نيوٽرل وينيو منظور نه ٿئي ته ايونٽ کي ڀارت مان منتقل ڪيو وڃي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت طرفان ڀارتي انتهاپسندن جي ڌمڪين کانپوءِ پاڪستاني هاڪي ٽيم کي ڀارت نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جڏهن ته اولمپيئن حنيف خان به هاڪي ايشيا ڪپ کي ڀارت مان منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪري چڪو آهي.