لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سڀ کان ڪامياب بيٽر جوءِ روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ نئون ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
جوءِ روٽ هونئن ته پنهنجي شاندار بيٽنگ جي ڪري سدائين مخالف ٽيمن لاءِ ڏکيائون پيدا ڪندو رهيو آهي ۽ بيٽنگ ۾ ڪيترائي رڪارڊ به ٺاهي چڪو آهي، پر هاڻ هن فيلڊنگ ۾ به نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي.
جمعي ڏينهن تي لارڊز جي تاريخي ميدان تي ڀارت خلاف جاري ٽِين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن جوءِ روٽ ڀارتي بيٽر ڪرن نائر جو ڪيچ وٺي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچ پڪڙيندڙ فِيلڊر جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.
جوءِ روٽ 266 ٽيسٽ اننگزن ۾ 211 ڪيچز پڪڙي رڪارڊ قائم ڪيو، جڏهن ته ان کان اڳ اِهو رڪارڊ اڳوڻي ڀارتي ڪپتانراهول ڊراوڊ وٽ هو جنهن 301 اننگزن ۾ 210 ڪيچز ورتا هئا.
واضح رهي ته جمعي تي لارڊز ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن انگلينڊ جوءِ روٽ جي شاندار سينچري جي مدد سان پهرين اننگز ۾ 387 رنس ٺاهيون، جنهن ۾ روٽ 104 رنس جي اننگز کيڏي. سندس ٽيسٽ ڪيريئر جي 37هين سينچري هئي.
انگلينڊ جي 387 رنسن جي جواب ۾ ڀارت ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي 3 وڪيٽن جي نقصان تي 145 رنس ٺاهي ورتيون هيون.
ميزبان انگلينڊ ۽ ڀارت جي وچ ۾ 5 ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز هن وقت 1-1 تان برابر آهي.