ڀارت کي وڏو ڌڪ، برازيل ” آڪاش ميزائل “ سسٽم جي خريداري وارو عمل روڪي ڇڏيو

برازيليا/نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)برازيلي حڪومت ڀارت جي تيار ڪيل زمين تان فضا ۾ مار ڪندڙ ”آڪاش ميزائل سسٽم“ جي خريداري لاءِ جاري ڳالهين جو عمل روڪي ڇڏيو آهي ۽ ان جي بدران هڪ يورپي ميزائل نظام کي ترجيح ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي رينج وڌيڪ ۽ ٽيڪنالاجي جديد سمجهي پئي وڃي.
ايڪنامڪ ٽائمز جي رپورٽ موجب، برازيلي ايئر فورس ڀارتي آڪاش ميزائل جي پراڻي ورزن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي هئي، پر هاڻي هو ” ايم بي ڊي اي “ نالي يورپي ڪمپني جي تيار ڪيل ” سي اَي ايم ايم-اِي آر“ ميزائل سسٽم خريدڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، جنهن جي رينج اٽڪل 45 ڪلوميٽر تائين آهي، جڏهن ته آڪاش جي رينج 25 کان 30 ڪلوميٽر جي وچ ۾ آهي.
رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته برازيلي اختيارين کي خدشو هو ته ڀارت طرفان ڏنل آڇ ۾ جديد آڪاش-اين جِي سسٽم شامل نه آهي، جيڪو اڃا تياري جي مرحلي ۾ آهي. انڪري انهن يورپي آڇ کي ترجيح ڏني، جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي، بھتر رينج ۽ يورپي ملڪن ۾ اڳ ئي آزمايل دفاعي نظام شامل آهن.

ايم بي ڊي اي جو جديد نظام
يورپي ڪمپني ايم بي ڊي اي طرفان مهيا ڪيل Enhanced Modular Air Defence Solutions (EMADS) سسٽم ۾ CAMM-ER ميزائل استعمال ٿيندو آهي، جيڪو 360 ڊگري دفاعي صلاحيت، سافٽ ورٽيڪل لانچ ٽيڪنالاجي ۽ جديد ريڊار سيڪر سان ليس آهي، هي نظام اڳ ئي برطانيا، اٽلي ۽ پولينڊ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.

معاهدي جي ماليت
رپورٽ موجب، برازيلي حڪومت ان معاهدي تحت لڳ ڀڳ 920 ملين آمريڪي ڊالر (اٽڪل 5 ارب برازيلي ريئلز) جي ماليت جو دفاعي نظام حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن ۾ لانچرز، ميزائل، ريڊار ۽ ڪمانڊ سسٽم شامل هوندا.

مودي – لولا ملاقات جي باوجود ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته وزيراعظم نريندر مودي ۽ برازيلي صدر لولا ڊي سلوا جي ويجهڙائي ۾ ٿيل ملاقات دوران دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو.
ٻنهي اڳواڻن سيپٽمبر 2023 ۾ جِي ٽوئنٽي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي هئي ۽ سائبر سيڪيورٽي، خلائي تحقيق ۽ دفاعي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون هيون.
ان باجود به آڪاش ميزائل معاهدي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪا به حتمي اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي.

ڀارت جي سفارتي حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر
ڀارتي دفاعي تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته اِها اڳڀرائي ڀارت لاءِ هڪ سفارتي ڌڪ آهي، ڇاڪاڻ ته آڪاش ميزائل کي ڀارت جي مقامي دفاعي صنعت جي ڪاميابي طور پيش ڪيو ويندو آهي.
ڀارت ان نظام کي ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ ويٽنام، فلپائن ۽ ارجنٽينا ڏانهن برآمد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.