جبري گمشدگين تي ڳڻتي، بنيادي حقن تي سودي بازي نه ٿيندي: عدالتي ڪاميٽي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ قومي عدالتي پاليسي ساز ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ لاپتا ماڻهن جي معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ قومي عدالتي پاليسي ساز ڪاميٽي جو 53هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم پاليسي معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ سمورن هاءِ ڪورٽن جا چيف جسٽس صاحبان، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس سردار سرفراز ڊوگر، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس عاليه نيلم، چيف جسٽس سنڌ  هاءِ ڪورٽ، چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۽ چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جسٽس عتيق شاهه شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ ڪاميٽي طرفان هڪ پڌرنامو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته لاپتا ماڻهن جي معاملي تي ڪاميٽي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته عدليه بنيادي حقن جي معاملي تي ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪندي. ان حوالي سان چيو ويو ته لاپتا ماڻهن جي مسئلي تي اداري جي سطح تي ردعمل لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا انتظاميا جي خدشن تي به غور ڪندي. ڪاميٽي اهو فيصلو ڪيو ته عدالتي آفيسرن کي ٻاهرئين دٻاءُ کان محفوظ رکيو ويندو. هاءِ ڪورٽن کي هدايت ڏني وئي ته هو شڪايتن جي ازالي لاءِ مربوط نظام قائم ڪن. اجلاس ۾ عدالتي آفيسرن کي ٻاهريان مداخلتن کان بچائڻ لاءِ تحفظ جو ڍانچو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو هاءِ ڪورٽن ۾ لاڳو ڪيو ويندو. پڌرنامي مطابق، ٻاهريان مداخلتن بابت ڪا به شڪايت لاڳاپيل فورم تي پيش ڪئي ويندي، ۽ انهن کي مقرر وقت اندر حل ڪيو ويندو. ڪاميٽي ڪاروباري ڪيسن جي جلدي حل لاءِ ڪمرشل ليٽيگيشن ڪوريڊور قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. تڪڙو انصاف مهيا ڪرڻ جي عزم تحت ڊبل ڊاڪٽ ڪورٽ ريجم کي چونڊ ضلعن ۾ آزمائشي طور تي لاڳو ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي. مالياتي ۽ ٽيڪس معاملن بابت آئيني درخواستون هاڻ هاءِ ڪورٽن ۾ ڊويزن بئنچز ٻڌنديون. فوجداري ڪيسن جي التوا کي گهٽائڻ لاءِ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽس جو فريم ورڪ به منظور ڪيو ويو. ڪاميٽي جسٽس (ر) رحمت حسين جي سربراهي ۾ ضلعي عدليه ۾ يڪسانيت ۽ اعليٰ معيار کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي، جنهن ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس، هاءِ ڪورٽن جا رجسٽرارز ۽ فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل شامل هوندا.قومي عدالتي پاليسي ساز ڪاميٽي ججن لاءِ وڪيلن جي ڀرتي بابت پروفيشنل ايڪسيلنس انڊيڪس تيار ڪرڻ جي منظوري به ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.