اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله، قتل جي الزام هيٺ آيل هڪ جوابدار جي بريت واري اپيل منظور ڪندي پوليس جي غير ذميوار رويي تي سخت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ دير جو رجحان انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. پوليس ٻن ڏينهن بعد ايف آءِ آر داخل ڪئي، جيڪو آئين جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهي. پوليس طاقتور طبقي جي خدمت ڪري رهي آهي، عوام جي نه. پوليس اسٽيٽ جو تاثر نهايت خطرناڪ آهي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله پوليس جي رويي خلاف 30 صفحن تي مشتمل فيصلو لکي ڇڏيو، جنهن ۾ عدالت قتل جي الزام هيٺ آيل جوابدار سيتارام جي بريت جي اپيل قبول ڪئي ۽ شڪ جو فائدو ڏيندي کيس آزاد ڪري ڇڏيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پراسيڪيوشن جوابدار خلاف ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته پوليس پاران ايف آءِ آر درج ڪرڻ ۾ دير انصاف جي اصولن جي خلاف ۽ آئين جي ذميوارين جي سڌي ڀڃڪڙي آهي. سيتارام تي 18 آگسٽ 2018 تي چندر ڪمار جي قتل جو الزام لڳايو ويو هو. فريادي ڊاڪٽر انيل ڪمار پوليس کي اطلاع ڏنو پر سپريم ڪورٽ موجب پوليس ٻن ڏينهن بعد ايف آءِ آر داخل ڪئي. ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ايس ايڇ او قربان علي اعتراف ڪيو ته واقعي جو اطلاع ڊائري ۾ ته داخل ڪيو ويو پر ضابطي فوجداري جي دفعه 154 تحت باضابطه ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايف آءِ آر جو وقت تي داخل ڪرڻ پوليس آفيسر جو آئيني ۽ قانوني فرض آهي. دير نه رڳو ثبوتن کي ضايع ڪري ٿي پر بيگناهه ماڻهن کي به ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي سگهي ٿي. عدالت سنڌ پوليس جي رويي تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ دير جو رجحان انتهائي خطرناڪ آهي، جيڪو ڪمزور، غريب ۽ پٺتي پيل طبقن سان ظلم جي برابر آهي. اهڙي روش سان ملڪ ۾ پوليس اسٽيٽ جو تاثر پيدا پيو ٿئي، جيڪو آئين جي رياست جي تصور جي ابتڙ آهي. اسان کي هڪ اهڙي آئيني رياست طرف وڃڻو پوندو جتي هر پوليس آفيسر آئين جو پابند هجي. سپريم ڪورٽ سڀني صوبن جي آءِ جيز کي هدايت ڏني آهي ته قانون مطابق ايف آءِ آر جو بروقت اندراج هر حالت ۾ يقيني بڻايو وڃي. ساڳئي وقت پروسڪييوٽر جنرلز کي ايس او پيز ٺاهڻ ۽ عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ به هدايت ڪئي وئي آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته عوام جو پوليس تي اعتماد ئي اهو طئي ڪندو ته اسان هڪ آئيني رياست آهيون يا پوليس اسٽيٽ.