ڪراچي (رپورٽر) : اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي اولهه فياض عالم سولنگي پاران اخبارن ۾ ڇپيل معافي نامي اشتهار کانپوءِ سنڌ ۾ ڪامورا شاهي جي ڪردار بابت سماجي ۽ سياسي حلقن ۾ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. ان ڏس ۾ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل سياسي اڳواڻ پروفيسر توصيف احمد خان ”عوامي آواز“ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مون اها اشتهار ڏٺو آهي بيورو ڪريسي جو سردارن جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ وارو معاملو انتهائي افسوس جوڳو آهي جنهن جي معنيٰ اها آهي ته هتي قانون جي بالادستي ناهي ٿيڻي ان سبب ترقياتي عمل رڪيل آهي ۽ غربت وڌي رهي آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قانون جي حڪمراني قائم ٿئي ۽ جيڪو قانون جي خلاف ڪم ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.هن چيو ته مخصوص طبقي کي بالادست رکڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. قانون جي بالادستي نه هئڻ سبب ڪامورا سردارن ۽ وڏيرن سان معافي وٺي رهيا آهن. ٻئي طرف نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل ناصر منصور چيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪامورن جو ڪردار هر دور ۾ موقعي پرستي وارو رهيو آهي، انهن مان چڱائي جي ڪا اميد نظر نٿي اچي. ڪامورن کي جڏهن به ڪا طاقتورن سان بيهڻ جو موقعو ملندو ته انهن جو ڀرپور فائدو وٺندو ۽ پنهنجي مفاد لاءِ هو ان سان گڏ بيهندو سندن ڪم رڳو مال ميڙڻ آهي. فياض سولنگي به پنهنجو رستو صاف ڪرڻ لاءِ معافي نامو وارو اشتهار شايع ڪرايو آهي.