پشاور(م ڊ) سوات سانحي تي انڪوائري رپورٽ تيارڪري ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي پيش ڪيو ويو، صوبائي انسپيڪشن ٽيم سوات سانحي بابت 63 صفحن تي مشتمل انڪوائري رپورٽ تيار ڪري وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين خان گنڊاپور کي پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ نظام جي خامين ۽ غفلت جا ذميوار آفيسر سڃاڻپ ڪيا ويا آهن،رپورٽ ۾ اهڙن واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ موجود نظام ۾ گهٽتائين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته انهن خامين ۽ ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون به ڏنيون ويون آهن،رپورٽ ۾ سڌيءَ ريت انهن سرڪاري آفيسرن ۽ عملي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جيڪي پنهنجي ذميدارين ۾ لاپرواهي جا ذميوار قرار ڏنا ويا آهن. ان رپورٽ جي روشني ۾ وزيراعليٰ غفلت ڪندڙ ماڻهن خلاف تاديبي ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،هاڻ لاڳاپيل کاتا، جن ۾ ضلعي انتظاميا، آبپاشي، بلديات ۽ ريسڪيو 1122 شامل آهن،. انهن عملي خلاف تاديبي ڪارروايون شروع ڪندا،اهي کاتا 60 ڏينهن اندر قانوني تقاضائون پوريون ڪري ڪارروائيون مڪمل ڪندا، جڏهن ته جن ادارن ۾ خامين جي نشاندهي ٿي آهي، اهي 30 ڏينهن اندر نون پروٽوڪولز، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ ٻيا قدم کڻندا،ان سان گڏوگڏ ريور سيفٽي ۽ بلڊنگ ريگيوليشن لاءِ جامع فريم ورڪ به تيار ڪيو ويندو، ۽ تڪڙا نوان قانون ۽ ضابطا لاڳو ڪيا ويندا. رپورٽ ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته سڀئي لاڳاپيل ادارا موجوده قانونن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين.