سکر(رپورٽ:آزاد مهر) 12کان 17 جولائي تائين ملڪ جي مٿين علائقن ۾ برساتن سبب ڪابل نديءَ ۽ چناب درياءَ ۾اربن فلڊ جو خطرو وڌي ويو آهي، ڊيرا غازي خان ريجن ۾ڪوھ سليماني جي پھاڙي سلسلي ۾ پڻ وارنگ جاري ڪئي وئي آهي، اھڙي صورتحال سکر بئراج جي اسٽرڪچر لاءِ خطري جي گهنٽي ھوندي، سکر بئراج جي مين اسٽريم جو گيٽ نمبر 43 سلٽ ۾ اڃان تائين ڦاٿل آهي، جڏهن ته ليفٽ پاڪيٽ جي 63 دروازي آڏو ڪسان گيٽ ڦاٿل آهي جنهن سبب سلٽ گيٽ نمبر، 60، 61، 62، 65 ۽ 66 نمبر گيٽن کي متاثر ڪري ڇڏيو آھي، گيٽن مان ڪمپريشر ذريعي سلٽ ھٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، چائنا ڪمپني کي گيٽن جي تبديلي واري ڪم جي پھرين فيز ۾ 44 کان 59 دروازن تائين 16 دروازا ۽ ليفٽ پاڪيٽ جي ٻن گيٽن سميت 18 گيٽن کي تبديل ڪرڻو ھو، جنھن لاءِ چائنيز ڪمپني وارن اولپر فئڪٽري سامھون ڪيسنگ گيٽ کي درياهه ڪناري ٺھيل پليٽ فارم تان ڪاھي گيٽ نمبر 63 آڏو ڪسان گيٽ کي فڪس ڪري ڇڏيو هو، نتيجن ليفٽ پاڪيٽ جي ستن ئي دروازن کي سلٽ متاثر ڪري ڇڏيو آهي، گيٽن کي آپريٽنگ ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيدا ٿي ويون آهن، جنهنڪري بئراج انتظاميا ٿرٿلي ۾اچي وئي آهي، ليفٽ پاڪيٽ جي گيٽن مان ڪمپريشر ذريعي سلٽ ھٽائڻ جو ڪم ھنگامي بنيادن تي شروع ڪيو ويو آهي، ھوڏانھن چائنيز ڪمپني گيٽ 18 گيٽن بدران 16 گيٽ تبديل ڪيا ۽ گيٽ نمبر 63 آڏو ڪسان گيٽ ھٽائي واپس پليٽ فارم تي منتقل نه ڪيو، جنھن سبب ليفٽ پاڪيٽ جي گيٽن آڏو سلٽ دڙن جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي، ھوڏانھن 43 نمبر گيٽ سلٽ ۾ ڦاٿو پيو آھي، چائنيز ڪمپني طرفان متاثر گيٽ جي اپ ۽ ڊائون اسٽريم ۾مٽيءَ جي ٻورن سان ٻنڊو ھڻڻ جو ڪم ھلندڙ آھي، ماھرن خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن 63 نمبر ۽ 43 نمبر گيٽ ڪليئر نه ٿي سگھيا ته اھا بئراج جي اسٽرڪچر سان راند آھي.