ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ڪراچي ۾ مبينا طور قتل ٿي ويل اداڪارا حميرا اصغر واري ڪيس ۾ سوشل ميڊيا تي ميرپورخاص جي ڊاڪٽر سيرم جي ملوث هجڻ واري الزامن خلاف ڊاڪٽر سيرم جي والد حڪيم سجاد پنهنجي وڪيل سان گڏ ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ هڪ تڪڙي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اداڪارا حُميرا اصغر جي قتل ۾ اسان جي مخالفن ۽ دشمنن پاران منهنجي پٽ کي دشمني تحت ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اسان جي خلاف آءِ جي سنڌ جي پورٽل تي ڪيل درخواست ۾ نالو ۽ ايڊريس جعلي آهي جنهن مان واضع ٿئي ٿو ته ان شڪايت ۾ ڪا صداقت ناهي، هن چيو ته منهنجو ۽ منهنجي پٽ جو اداڪارا حُميرا اصغر سان ڪو به واسطو ناهي اسان نه ڪڏهن ان سان مليا آهيون ۽ نه ڪڏهن فون تي ڳالهايو آهي ۽ نه وري هو ڪڏهن اسان وٽ آئي آهي جڏهن ته منهنجي پٽ جي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيل تصوير پڻ ايڊيٽ ڪري لڳائي وئي آهي، هنن چيو ته اسان جي خلاف سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون هلائي اسان کي بدنام ڪندڙن خلاف اسين هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري رهيا آهيون ته جيئن انهن خلاف ڪاروائي ٿي سگھي هنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پورٽل تي موڪليل ڪوڙي درخواست ڏيندڙن ۽ سوشل ميڊيا ته ڪوڙيون خبرون هلائيندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.