اداڪارا حميرا جو پيءُ پهريون ڀيرو عوام اڳيان، آڱريون مٿي، الله حساب وٺندو!

ماڊل ۽ اداڪارا حميرا اصغر جو اٺ کان ڏهه مهينا پراڻو لاش ڪراچي جي فليٽ مان مليو جتي هو ٻه هزار ارڙهن کان وٺي رهندي هئي.

اداڪارا جو لاش سندس ڀاءُ ۽ ڀيڻيوو ڪراچي مان لاهور کڻي پهتا جنهن کانپوءِ سندس مڙهه ماڊل ٽائون قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ان موقعي تي پهريون ڀيرو اداڪارا حميرا جو پيءُ منظر عام تي آيو جنهن بابت منڍ ۾ سوشل ميڊيا تي چيو پئي ويو ته هن ڌيءَ جو لاش وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

حميرا جو پيءُ پيشي جي حوالي سان هڪ ڊاڪٽر آهي، قبرستان ۾ کيس ڏسندي ئي صحافين سوال پڇڻ شروع ڪري ڏنا.

لاش وٺڻ بابت هن جو چوڻ هو ته جيستائين لاش جو پوسٽ مارٽم نٿو ٿئي تيستائين لاش ڪيئن پئي وصول ٿي سگهيو؟

حميران جي پيءُ ٻڌايو ته اهڙي ڪيسن ۾ پوليس کان لاش وٺڻ جو پنهنجو طريقيڪار هوندو آهي جنهن ۾ وقت لڳندو آهي.

ڌيءَ جي موت جو سبب قتل هجڻ ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ بابت سوال تي اداڪارا جي پيءُ ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ تي في الحال ڪجهه به نٿو چوڻ چاهيان.

هن آسمان ڏانهن آڱر جو اشارو ڪندي وڌيڪ چيو ته ڌيءَ سان جيڪو ڪجهه به ٿيو ان جو حساب ڪتاب الله وٺندو.

اداڪارا حميرا جي تدفين کانپوءِ سندس پيءُ فوري طور تي قبرستان مان چيو ويو ۽ صحافين کي وڌيڪ سوالن جا جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.