ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) لياري جي علائقي بغدادي ۾ رزاق سينٽر، پراٺي واري بلڊنگ جي نالي سان مشهور 4 ماڙ عمارت مان دانهون ڪندا نڪري آيا، عمارت ۾ ڏار پئجي ويا ۽ پلر پنهنجي جاءِ تان هٽي ويا. عمارت 60 کان 65 سال پراڻي آهي جنهن ۾ 8 پورشن آهن. خطرناڪ صورتحال باوجود سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو عملو عمارت جو معائنو نه ڪرڻ پهتو جڏهن ته رهواسي پاڻمرادو عمارت خالي ڪري ويا جڏهن ته عمارت جي ڀرپاسي پوليس نفري مقرر ڪئي وئي. لياري مان چونڊيل ايم پي اي ثانيا ناز حڪومت کان مطالبو ڪيو ته متاثر رهواسين کي فوري متبادل رهائش ڏني وڃي جيئن نقصان کان بچي سگهجي.