ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان چيو آهي ته ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا مجموعي ذخيرا 20 ارب ڊالرن کان وڌي ويا، جيڪا تاريخ جي بلند ترين سطح آهي.
اسٽيٽ بينڪ ناڻي مٽاسٽا ذخيرن بابت هفتيوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب 4 جولاءِ تائين ناڻي مٽاسٽا جي سرڪاري ذخيرن جي ماليت 14 ارب 50 ڪروڙ 22 لک ڊالر هئي.
گذريل هفتي دوران ناڻي مٽاسٽا جي سرڪاري ذخيرن ۾ هڪ ارب 77 ڪروڙ 44 لک ڊالر ۽ ڪمرشل بينڪن جي ذخيرن ۾ 16 ڪروڙ 32 لک ڊالر واڌ ٿي.
انگن اکرن موجب 4 جولاءِ تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ ڪمرشل بينڪن وٽ 5 ارب 52 ڪروڙ 65 لک ڊالرن جا ذخيرا موجود هئا.
اسٽيٽ بينڪ موجب گذريل هفتي جي پڄاڻي تي ملڪ جي مجموعي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن جي ماليت 20 ارب ٻه ڪروڙ 87 لک ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي.
					You might also like
		
	
	
					 
			