ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياري ۾ 5 ماڙ عمارت ڪِرڻ جي ڪيس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 8 آفيسرن ۽ عمارت جي مالڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڊي آءِ جي ڏکڻ زون سيد اسد رضا موجب اهي گرفتاريون ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪيون ويون، لوڪل گورنمينٽ اينڊ هائوسنگ ٽائون پلاننگ ڊپارٽمينٽ جي هڪ آفيسر جي شڪايت تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 9 آفيسرن ۽ عمارت جي موجوده مالڪ کي نامزد ڪيو ويو آهي.
نامزد جوابدارن مان ايس بي سي اي جي 8 ڊائريڪٽرن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ عهديدار کي بيماري سبب گرفتار نه ڪيو ويو، عمارت جي مالڪ رحيم بخش خاصخيلي کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.
					You might also like
		
	
	
					 
			