”حميرا اصغر جو طبي موت نه ٿيو پر کيس قتل ڪيو ويو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا حميرا اصغر جو لاش فليٽ مان برآمد ٿيڻ جي واقعي بابت ڪراچي جي شهري شاهه زيب سهيل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ماتحت عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
درخواست ۾ ايس ايس پي ڏکڻ ۽ ايس ايڇ او گذري کي ڌر بڻائيندي چيو ويو آهي ته حميرا اصغر جو موت طبي ناهي پر ان کي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس به واقعي جي ڳڻتي جوڳو ٻڌايو آهي، ان واقعي سبب عام ماڻهو پريشان آهن، حميرا هڪ بااثر عورت هئي، واقعي جي وڊيو ڏسي لڳي ٿو ته ڄڻ کيس قتل ڪيو ويو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اداڪارا جي خاندان جو ان سان واسطو ختم ڪرڻ به حيرت ۾ مبتلا ڪري ٿو، ڪيس ۾ سندس خاندان کي به نامزد ڪري جاچ ڪرائي وڃي، قانوني طور تي جيڪا به امڪاني ڪوشش ٿي سگهي ٿي عدالت طرفان ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.