ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ اليڪٽرڪ پاليسي 2024 ايندڙ مهيني متعارف ڪرائي ويندي، جنهن سان بجلي سستي ملندي.
صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ان پاليسي سان نوري آباد ۽ ڌاٻيجي رونز ۾ صنعتي واهپيدارن کي بجلي تي 18 رپيا في يونٽ سبسڊي ملندي.
هن چيو ته نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي اپريل ۽ مئي 2025 جون وڌيڪ وصول ڪيل چارجز واهپيدارن کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ واهپيدارن کي في يونٽ 4 رپيا 50 پيسا واپس ڪيا ويندا.
You might also like