”شاهين جهڙي رانديگر کي پاڪستان ٽيم جو حصو هئڻ گهرجي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ)پي ايس ايل) جي فرنچائز لاهور قلندرز جي سي اي او رانا عاطف چيو آهي ته شاهين آفريدي هڪ بهترين ڪرڪيٽر آهي، جنهن پنهنجي شاندار صلاحيتن سان پنهنجي اهميت ثابت ڪئي آهي ۽ اهڙي طرز جو بهترين رانديگر پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو حصو هجڻ گهرجي.
هڪ بيان ۾ رانا عاطف چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي جي ڪارڪردگي انتهائي شاندار رهي آهي، هن جنهن گذريل چار سالن دوران ٽي ڀيرا قلندرز کي چيمپيئن بڻايو آهي.
هن چيو ته ڪپتان طور شاهين آفريدي جون ڪاميابيون سڀني جي سامهون آهن، ان ڪري هو قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو حصو هجڻ گهرجي. رانا عاطف جو وڌيڪ چوڻ هو ته رانديون ماڻهن کي ويجهو آڻڻ جو وسيلو آهن ۽ ڪرڪيٽ به ماڻهن جي وچ ۾ محبت وڌائيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.