غير ضروري اي ميل مان تنگ واهپيدارن لاءِ لاڀائتو فيچر متعارف، استعمال ۾ به سولو

گوگل طرفان ” جي ميل ۾جي واهپيدارن لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو واهپيدارن جي وڏي مسئلي جو حل ثابت ٿيندو.
جي ميل ۾ ”مينج سبسڪرپشنز“ نالي هڪ نئون فيچر شامل ڪيو ويو آهي.
هي فيچر جي ميل جي ويب ورزن سان گڏ اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ايپس لاءِ به متعارف ڪرايو ويو آهي.
هن فيچر ذريعي صارفين لاءِ اي ميل سبسڪرپشن کي ان سبسڪرائب ڪرڻ تمام سولو ٿي ويندو.
ان فيچر لاءِ جي ميل جي سائڊ بار ۾ مينج سبسڪرپشنز نالي هڪ نئون سيڪشن شامل ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ هڙني سبسڪرپشن ڪيل اي ميل ايڊريسز جو مواد موجود هوندو.
هن سيڪشن ۾ هر سبسڪرپشن واري اي ميل جي اڳيان ئي ان سبسڪرائب ڪرڻ جو بٽڻ به هوندو.
ان سيڪشن مان واهپيدارن کي اها به خبر پوندي ته ڪهڙي اي ميل ايڊريس تان سڀ کان وڌيڪ نيوز ليٽرز اچي رهيا آهن.
هي فيچر جي ميل واهپيدارن لاءِ تمام گهڻو ڪارائتو ثابت ٿيندو، ڇو ته هاڻ اهي هڙئي سبسڪرپشن واريون اي ميلز هڪ هنڌ ڏسي سگھندا ۽ غير ضروري اي ميل ايڊريسز کي سولائيءَ سان لسٽ مان ختم ڪري سگهندا.
ان کان اڳ ڪنهن اي ميل نيوز ليٽر جي سبسڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ صارف کي اها اي ميل کولڻي پوندي هئي ۽ پوءِ مٿان موجود ان سبسڪرائب بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو هو.
يعني هر ايڊريس جي ڪا نه ڪا اي ميل کولڻي پوندي هئي ۽ پوءِ ان سبسڪرائب ڪرڻو پوندو هو، پر هاڻ نئين فيچر ذريعي سڀئي نيوز ليٽر سبسڪرپشنز کي اي ميل کولڻ کان سواءِ ئي ختم ڪري سگهجي ٿو.
فيچر استعمال ڪرڻ جو طريقو
ويب تي
جي ميل تي لاگ ان ٿيو، ان کانپوءِ کاٻي پاسي سائڊ بار ۾ موجود مور (More) بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.
هيٺ اسڪرول ڪريو جتي مينج سبسڪرپشنز جو آپشن نظر ايندو، ان تي ڪلڪ ڪريو.
اينڊرائيڊ يا آءِ او ايس تي:
جي ميل ايپ کوليو، مٿي کاٻي پاسي موجود ٽي لائينز واري مينيو تي ڪلڪ ڪريو.
هيٺ اسڪرول ڪري مينج سبسڪرپشنز چونڊيو، جيڪو ٽريش سيڪشن جي هيٺان هوندو.
هي فيچر انهن ماڻهن لاءِ خاص طور تي لاڀائتو ثابت ٿيندو جيڪي روزانو اڻ ڳڻيون ۽ غير ضروري نيوز ليٽرز يا پروموشنل اي ميلز جي ڪري پريشان هوندا آهن، هاڻي اُهي پنهنجي انباڪس کي سولائي سان صاف ڪري سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.