اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته هاڻ ڪنهن سان به ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون، بلڪه رڳو ۽ رڳو رستن تي احتجاج ڪيو ويندو ته جيئن ملڪ کي زبردستي مڙهيل ڪٺ پتلي حڪمرانن کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي، سندس چوڻ هوته ملڪ جي خاطر مون بار بار ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، پر هاڻ ڳالهيون جو وقت ختم ٿي چڪو آهي۔ 26هين آئيني ترميم کانپوءِ هن ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ انصاف کي دفن ڪيو ويو آهي، ۽ عدالتن کان جيڪا اميد هئي، اها به مڪمل طور ختم ٿي وئي آهي،پنهنجي پيغام ۾ عمران خان اعلان ڪيو ته ملڪ گير تحريڪ جو مڪمل لائحه عمل هن ئي هفتي پيش ڪيو ويندو ۽ 5 آگسٽ، تي سندس گرفتاري کي ٻه سال مڪمل ٿيندا،