ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي روبن اُٿپا پاڪستان جي ليجنڊري فاسٽ بالر وسيم اڪرم جي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته هو بال تي بي مثال ڪنٽرول ۽ مهارت رکندڙ هڪ غيرمعمولي بالر هو.
هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي ڀارتي بيٽر چيو ته هن وسيم اڪرم کي بالنگ ڪندو ڏسندي سدائين حيرت ٿيندي هئي ته هو ڪيئن پنهنجي آڱرين جي هلڪي حرڪت سان بال کي شاندار نموني ۾ سوئنگ ڪري ٿو.
هن چيو ”وسيم اڪرم جي مهارت حيران ڪندڙ هئي، هو صفا چريو لڳندو هو! آرام سان پنهنجي رن اَپ کان ڊوڙڻ شروع ڪندو هو ۽ صرف پنهنجي آڱر بال تان هٽائيندو هو ۽ ڪلائي جو هلڪو جهٽڪو ڏيندو هو، بال هوا ۾ سوئنگ ٿيڻ لڳندو هو.
واضح رهي ته روبن اُٿپا انڊين پريميئر ليگ( آءِ پي ايل) جي فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي نمائندگي ڪري چڪو آهي جنهن لاءِ وسيم اڪرم مينٽور طور خدمتون انجام ڏنيو هيون.
وسيم اڪرم ڪرڪيٽ جي تاريخ جي عظيم ترين فاسٽ بالرن منجهان هڪ، هو ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو ٻيو سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر آهي، هن 356 ميچن ۾ 502 شڪار ڪيا.
ان کانسواءِ وسيم اڪرم 104 ٽيسٽ ميچن ۾ ميچن ۾ 414 وڪيٽون ورتيون.
سوئنگ جي سلطان جو لقب ماڻيندڙ وسيم اڪرم پاڪستان جي تاريخي 1992ع واري عالمي ڪپ فتح ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
فائنل ۾ وسيم اڪرم آل رائونڊ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي انگلينڊ خلاف 18 بالن تي 33 رنسون ٺاهيون ۽ ٽي اهم وڪيٽون پڻ ورتيون، جنهن تي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
اهو به ياد رکڻ گهرجي ته وسيم اڪرم ان ورلڊ ڪپ جو سڀ کان وڌيڪ وڪيٽ وٺندڙ بالر هو، جنهن 10 ميچن ۾ 18 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ سندس اڪنامي ريٽ 3.76 رهيو.
وسيم اڪرم پاڪستان جو ٻيو سڀ کان ڪامياب ون ڊي ڪپتان پڻ آهي، جنهن 109 ميچن مان 66 ۾ ڪاميابي ۽ 41 ۾ شڪست ملي، سندس ڪاميابي جي شرح 60.55 سيڪڙو رهي.
You might also like