”حميرا جو موت ان ڪوڙي دنيا جو چهرو آهي، جتي فالوئر ته هوندا آهن پر دوست نه“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا ۽ ماڊل حميرا اصغر جو فليٽ مان پراڻو لاش هٿ اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدار ان تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن، ڇو ته ان کان اڳ سينيئر اداڪارا عائشا خان جو به گهر مان 7 ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو هو.
هڪ ايڪس واهپيدار لکيو ته حميرا جو موت رڳو هڪ انسان جو موت ناهي، اهو سوشل ميڊيا جي ان ڪوڙي دنيا جو چهرو به آهي، جتي لائڪ ته هوندا آهن محبت نه، ڪمينٽ هوندا آهن ڌيان نه، جتي فالوئر هوندا آهن دوست نه.
هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته روشنين سان ڀريل زندگي جڏهن ختم ٿي ته ايتري گهرِي اونداهي ڇانئجي وئي جو ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ به ڪنهن نه ڳوليو ۽ هڪ سوال اهو آهي ته ڇا اسان واقعي ڪنهن کي سڃاڻيون ٿا يا رڳو ان جي پوسٽن، تصويرن ۽ پردي تي ٺهيل چهري کان دوکو کائون ٿا؟
هڪ واهپيدار لکيو ته حميرا اصغر جا لکين فالوئر هئا پر اپارٽمينٽ ۾ ان سان گڏ ڪير به نه هو، پنهنجن کي پاڻ سان گڏ رکو، پنهنجن ۾ رهو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.