لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ جمي-ٽنڊولڪر ٽرافي جي ٽين ٽيسٽ ميچ 10 جولاءِ کان لارڊز جي تاريخي گرائونڊ تي شروع ٿيندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ٽيسٽ ميچن واري سيريز هن وقت تائين هڪ، هڪ تان برابر آهي.
هيڊنگلي ٽيسٽ ۾ انگلينڊ ڀارت کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ ڀارتي ٽيم شاندار واپسي ڪندي انگلينڊ کي 336 رنسن تان مات ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي هئي.
ٽين ٽيسٽ ميچ 10 جولاءِ تي لارڊز ۾ کيڏي ويندي، جيڪا پاڪستاني وقت موجب منجهند ٽئين وڳي شروع ٿيندي.
انگلينڊ طرفان اعلان ڪيل پليئنگ اليون ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، جنهن تحت فاسٽ بالر جوفرا آرچر چئن ورهين کانپوءِ ٽيم ۾ واپسي ڪري رهيو آهي.
لارڊز ٽيسٽ لاءِ ڀارتي ٽيم ۾ به هڪ تبديلي ڪئي ويندي جتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.