اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سوئي سدرن گيس ڪمپني جي نمائندي قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران گيس جا ڳرا بل اچڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ گيس لوڊشيڊنگ جو معاملو بحث هيٺ آيو.
ڪميٽي جي ميمبر صوفيا سعيد شاهه چيو ته ڪراچيءَ ۾ رات جو سوا نائين وڳي کان گيس وڃڻ شروع ٿي وڃي ٿيم شگفتا جماڻي به شڪايت ڪئي ته اسان جي گهرن ۾ به رات جو نائين وڳي گيس هلي وڃي ٿي.
سوئي سدرن گيس ڪمپني جي نمائندي وضاحت ڪندي چيو ته گيس جي لوڊشيڊنگ رات 10 وڳي کان صبح 5 وڳي تائين ٿيندي آهي، ساڍي نائين وڳي کان گيس بند ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو آهي ۽ 10 وڳي تائين مڪمل بند ڪئي ويندي آهي.
ڪميٽي جي ميمبر شاهدا رحماني سوال ڪيو ته گيس جا بل ايترا وڌيڪ ڇو اچن ٿا؟ جنهن تي ڪمپني جي نمائندي ٻڌايو ته گيس چوري به ٿئي ٿي ۽ ليڪ به ٿئي ٿي.
You might also like