ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا مومنا اقبال، پنهنجي جنس بابت جعلي وڊيو تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن ڇوڪريءَ کان سندس ڇوڪري هجڻ جو ثبوت گهرڻ هڪ انتهائي تڪليف ڏيندڙ لمحو هوندو آهي.
مومنا اقبال ويجهڙائي”سمٿنگ هاٽ“ کي ڏنل انٽرويو ۾ پنهنجي ڪيريئر سميت مختلف موضوعن تي تفصيلي روشني وڌي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته کيس ڊرامن ۾ ناڪاري ڪردار ادا ڪرڻ ۾ وڌيڪ مزو ايندو آهي، ڇو ته اهڙو ڪردار هر ڳالهه ڪري سگهي ٿو ۽ هر ڪم ڪري سگهي ٿو، جيڪو تمام دلچسپ ۽ چئلينجنگ هوندو آهي.
هن چيو ته هوءَ منفي ڪردارن جا اسڪرپٽ شوق سان پڙهي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ اهو به طئي ڪري ٿي ته پنهنجا ڊائيلاگز کي ڪهڙي انداز سان ادا ڪرڻا آهن.
مومنا اقبال ٻڌايو ته ڊراما سيريل ”دو ڪناري“ ۾ سندس ناڪاري ڪردار سبب خاص طور تي عورتون کيس گاريون ڏئي رهيون آهن ۽ اهو سمجهي رهيون آهن ته هوءَ حقيقي زندگيءَ ۾ به اهڙي آهي.
انٽرويو دوران مومنا اقبال پنهنجي جنس بابت وائرل ٿيل جعلي وڊيو جو به ذڪر ڪيو، جنهن ۾ کيس پنهنجي جنس بابت ڳالهائيندي ڏيکاريو ويو هو ۽ ان تي اهڙيون اڳڪٿيون ٿيون ته ڇا هوءَ ڇوڪري آهي يا نه.
اداڪارا ٻڌايو ته اها وڊيو آگسٽ 2022ع ۾ ڏنل هڪ انٽرويو جي ڪلپ آهي جيڪا ايڊٽ ڪري وائرل ڪئي وئي، جيڪا 4.5 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺي وئي.
هن چيو ته ان وقت کيس مختلف رپورٽرن جا فون اچي رهيا هئا ۽ هوءَ دنگ رهجي وئي ته سڀني کي ڇا جواب ڏيان.
مومنا اقبال چيو ته سندس چوڌاري ماڻهو مشورو ڏئي رهيا هئا ته هوءَ وضاحت جاري ڪري، پر هن سوچيو ته ڇا مان ڊاڪٽر جو نمبر ڏئي ڇڏيان؟ هي معاملو ڏاڍو عجيب هو.
اداڪارا چيو ته جيڪڏهن هوءَ واقعي اهڙي هجي ها ته قبول ڪري وٺي ها، پر جڏهن هوءَ آهي ئي نه ته اهڙي ڪوڙي ڳالهه تي ڪهڙو ردعمل ڏئي؟
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنهن ڇوڪريءَ کان سندس ڇوڪري هئڻ جو ثبوت گهرڻ هڪ نهايت ڏکائيندڙ ۽ اذيتناڪ لمحو هوندو آهي.
”ڇوڪريءَ کان ڇوڪري هئڻ جو ثبوت گهرڻ دردناڪ لمحو هو“ مومنا جو جنس بابت جعلي وڊيو تي ردعمل
Next Post
You might also like